يرمياہ 29:18 - Sindhi Bible18 ۽ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان هنن جي پٺيان پوندس، ۽ زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هنن کي هيڏي هوڏي ڌڪا کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندس، انهي لاءِ تہ جن قومن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو آهي تن سڀني ۾ هو لعنت، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ ملامت ٿين: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible18 آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا کي سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندس ۽ کين ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن قومن ۾ آءٌ کين هڪالي ڇڏيندس تن سڀني ۾ هو لعنت، عبرت، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:
۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.