Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:17 - Sindhi Bible

17 لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن تي ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض موڪليندس، ۽ انهن کي گندن انجيرن جهڙو ڪندس، جي اهڙا خراب آهن جي کائي نٿا سگهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ هنن منجھہ جنگ، ڏڪار ۽ وبا موڪليندس ۽ کين اهڙن ڳريل سڙيل انجيرن جهڙو ڪندس، جيڪي کائڻ جي لائق نہ هوندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


۽ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان هنن جي پٺيان پوندس، ۽ زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هنن کي هيڏي هوڏي ڌڪا کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندس، انهي لاءِ تہ جن قومن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو آهي تن سڀني ۾ هو لعنت، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ ملامت ٿين:


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،


چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اهڙو ڏڪار اچي پيو جو انهيءَ ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ لڌي.


۽ ڏاڍا زلزلا ٿيندا، ۽ هنڌ هنڌ ڏڪار ۽ وبائون پونديون؛ آسمان مان هيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاهر ٿيندا.


افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي اُنهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا! ڇالاءِ تہ زمين تي وڏي آفت ايندي، ۽ هن اُمت تي غضب اچي پوندو.


۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ