Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:13 - Sindhi Bible

13 ۽ اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جڏهن اوهين مون کي پنهنجي سموري دل سان ڳوليندا تڏهن مون کي لهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اوهين منهنجا طالبو ٿيندا، هائو، جڏهن اوهين پوريءَ دل وَ جان سان منهنجا طالبو ٿيندا، تڏهن آءٌ اوهان سان پرچي پوندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:13
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي.


۽ بادشاهہ ٿنڀ جي پاسي ۾ اُٿي بيٺو ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس شاهدين، ۽ سندس قاعدن جي پنهنجي سموريءَ دل ۽ روح سان سنڀال ڪندس، ۽ هن عهدنامي جون ڳالهيون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي عمل ۾ آڻيندس: ۽ سڀ ماڻهو انهيءَ عهد اقرار تي قائم رهيا.


هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.


۽ تون، اي منهنجا پٽ سليمان، پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ، ۽ پوريءَ دل ۽ روح جي خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر: ڇالاءِ جو خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو، ۽ هرڪو خيال جو اُٿي ٿو سو ڄاڻي ٿو: ۽ جي تون هن کي ڳوليندين تہ هو توکي ملندو: پر جي تون هن کي ڇڏي ڏيندين، تہ هو توکي هميشہ لاءِ رد ڪندو.


۽ هن اخزياہ جي ڳولا ڪئي، ۽ انهن هن کي وڃي پڪڙيو، (هاڻي هو سامريہ ۾ لڪل هو) ۽ انهيءَ کي ياهوءَ وٽ وٺي ويا ۽ قتل ڪيائونس؛ ۽ دفن ڪيائونس، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو يهوسفط جو پٽ آهي جنهن پنهنجي سڄي ساريءَ دل سان خدا کي ٿي ڳوليو. ۽ اخزياہ جي گهراڻي کي بادشاهت جي سنڀالڻ جي ڪابہ طاقت ڪانہ هئي.


۽ خدا جي گهر جي خدمت لاءِ، ۽ شريعت لاءِ، ۽ حڪمن لاءِ جيڪو ڪم هن خدا جي طلب ۾ شروع ڪيو، سو پنهنجي سڄي دل سان ڪيائين، ۽ انهيءَ ۾ فتحياب ٿيو.


مون پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي ڳولا ڪئي آهي: مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏي.


ق آءٌ پنهنجي سالم دل سان دعا ٿو ڪريان؛ اي خداوند مون کي جواب ڏي: آءٌ تنهنجن قانونن تي عمل ڪندس.


مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.


مون پنهنجيءَ ساري دل سان توکي منٿ ڪئي تہ مون تي مهربان ٿيءُ: تون پنهنجي ڪلام پٽاندر مون تي رحم ڪر.


مغرورن مون تي ڪوڙي تهمت آندي آهي: آءٌ پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان تنهنجن قاعدن کي مڃيندو رهندس.


خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن.


انهي ڪري هرڪو ديندار تنهنجي ملڻ وقت توکان دعا گهرندو: ۽ سچ پچ جڏهن وڏا پاڻي چڙهندا تڏهن انهيءَ تائين ڪين پهچندا.


هو مون کي پڪاريندو ۽ آءٌ کيس جواب ڏيندس؛ مصيبت جي وقت آءٌ سندس ساڻي ٿيندس: آءٌ کيس ڇڏائيندس، ۽ کيس عزت ڏيندس.


مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.


منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي.


۽ آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جنهن سان هو مون کي سڃاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس: ڇالاءِ جو هو پنهنجي سڄيءَ ساريءَ دل سان مون ڏي موٽي ايندا.


۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.


انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا.


آءٌ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي ويندس، جيستائين ڪ هو پنهنجو ڏوهہ قبول ڪندا، ۽ منهنجو منهن ڳوليندا: هو پنهنجي مصيبت ۾ ڏاڍي سعيي سان منهنجي ڳولا ڪندا.


انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هينئر بہ اوهين پنهنجي سموري دل سان، ۽ روزي ۽ روڄ، ۽ ماتم سان مون ڏي ڦرو:


گهُرو تہ مليوَ؛ ڳوليو تہ لڀيوَ؛ کڙڪايو تہ پَٽجيوَ.


۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ