Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 29:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي اوهان جي حق ۾ منهنجا خيال آهن، سي آءٌ ڄاڻان ٿو، اُهي خير سلامتيءَ جا خيال آهن نہ خرابي جا، يعني تہ اوهان جي پڇاڙيءَ ۾ اوهان کي اُميد ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 29:11
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو.


خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين.


اي خداوند منهنجا خدا جيڪي عجيب ڪم تو ڪيا آهن، ۽ اسان ڏانهن جيڪي تنهنجا خيال آهن سي گهڻيئي آهن: اهي تنهنجي اڳيان ترتيب وار شمار ڪري ڪين سگهبا؛ جيڪڏهن آءٌ اهي ظاهر ڪريان ۽ انهن جو بيان ڪريان، تہ اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.


يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.


مون ۾ ڪاوڙ ڪانهي، جنگ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا منهنجي برخلاف هجن ها تہ آءٌ انهن تي ڪاهہ ڪريان ها، ۽ سڀني کي گڏ ساڙي ڇڏيان ها.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن چڱن انجيرن وانگي آءٌ يهوداہ جي انهن قيدين کي سمجهندس جن کي مون هن هنڌان ڪڍي سندن چڱائي لاءِ ڪسدين جي ملڪ ڏي موڪليو آهي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


پر هو خداوند پنهنجي خدا جي، ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي، جنهن کي آءٌ هنن جي لاءِ برپا ڪندس، خدمت ڪندا.


ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس.


ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.


تنهنڪري تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ مون هنن کي پري ڪڍي قومن ۾ رکيو آهي، ۽ هنن کي ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم تڏهن بہ آءٌ، جن جن ملڪن ۾ هو آيا آهن اُتي ٿوري وقت لاءِ هنن جي لاءِ هڪ اَجهو ٿيندس.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


پر هنن کي خداوند جي خيالن جي خبر ڪانهي، ۽ نہ هو انهي جي مصلحت سمجهن ٿا، ڇالاءِ جو هن انهن کي ائين گڏ ڪيو آهي، جيئن گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ