Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 28:9 - Sindhi Bible

9 جو نبي خير سلامتيءَ جي پيشنگوئي ٿو ڪري، جڏهن انهيءَ نبي جو ڪلام اچي پورو ٿيندو تڏهن انهيءَ نبي جي نسبت ۾ معلوم ٿيندو تہ خداوند سچ پچ ان کي موڪليو آهي يا نہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر جيڪو امن وَ امان بابت اڳڪٿي ڪري ٿو، تنهن کي خداوند جو موڪليل نبي تڏهن ئي تسليم ڪبو جڏهن ان جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 28:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.


هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


۽ هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي؛ پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


۽ جڏهن ائين ٿيندو (ڏس اُهو وقت ايندو)، تڏهن هو ڄاڻندا تہ منجهن ڪو نبي موجود رهيو آهي.


پر جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندين، تہ اسان کي ڪيئن خبر پوندي تہ هي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن؟


تنهن لاءِ اهو ياد رک، تہ جڏهن ڪو نبي خداوند جي نالي ڪي چوي، ۽ هن جي چوڻ موجب نہ ٿئي، ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند جي طرفان نہ آهي: پر اها انهي نبيءَ گستاخي ڪري چئي آهي، تون انهي کان متان ڊڄين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ