Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 28:6 - Sindhi Bible

6 آمين، يعني يرمياہ نبي چيو، تہ شل خداوند ائين ڪري: جي ڳالهيون نبوت ڪري تو ڪيون آهن، سي شل خداوند پوريون ڪري، ۽ خداوند جي گهر جا ٿانوَ ۽ سڀ قيدي بابل مان موٽي هن هنڌ اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ”آمين! شل خداوند ائين ئي ڪري! جيڪي ڳالهيون اڳڪٿي ڪري تو ڪيون آهن سي شل خداوند پوريون ڪري ۽ هيڪل جو سامان ۽ سڀ جلاوطن ڪيل ماڻهو بابل مان موٽائي هن هنڌ آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 28:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بناياہ بن يهويدع بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ آمين: خداوند، منهنجي ڌڻي بادشاهہ جو خدا، بہ ائين ئي چئي.


خداوند اسرائيل جو خدا اصل کان وٺي ابد تائين مبارڪ آهي: ۽ سڀني ماڻهن چيو آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون.


خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي، ۽ سڄي اُمت چوي، آمين. اوهين خدا جي تعريف ڪريو.


شل خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي. آمين. آمين.


هن جو جلال وارو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي؛ شل سارو جهان هن جي جلال سان ڀرپور ٿئي. آمين ۽ آمين.


شل خداوند سدائين مبارڪ هجي. آمين آمين.


انهي لاءِ تہ جيڪو قسم مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو آهي سو قائم ڪريان، ۽ انهن کي اها زمين ڏيان جنهن ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي، جيئن ڪ اڄ آهي، تڏهن مون ورندي ڏئي چيو، تہ اي خداوند، آمين.


باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.


ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.


ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:


تون اڄ ئي يوسياہ بن صفنياہ جي گهر وڃ، جتي بابل جي قيدين مان خلدي، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ اچي ٽڪيا آهن؛


۽ هي پاڻي جو لعنت ٿو پيدا ڪري، سو تنهنجن آنڊن ۾ وڃي تنهنجو پيٽ سڄائي، ۽ تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي: ۽ اها زال چوي، آمين.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟


هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي.


۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.


۽ اهي چوويهہ بزرگ، ۽ چار جاندار، پيرين پئي خدا کي، جو تخت تي ويٺو هو، سجدو ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا، تہ آمين! هاليلوياهہ!


۽ لوديڪيہ واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جو آمين، وفادار ۽ سچو شاهد، ۽ خدا جي خلقت جو شروع آهي، سو هيئن ٿو چوي تہ


۽ انهن چئني جاندارن چيو، آمين. پوءِ اُهي بزرگ پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ