Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 28:4 - Sindhi Bible

4 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪيل يهوداہ جي ٻين سڀني ماڻهن سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 28:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجيءَ ترار جي زور تي حياتي گذاريندين، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون زور وٺي آزاد ٿيندين، تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ تان لاهي ڇڏيندين.


۽ هو ساري يروشلم کي، ۽ سڀني شهزادن کي، ۽ سڀني همت وارن پهلوانن کي، جي ڏهہ هزار قيدي هئا، ۽ سڀني ڪاريگرن ۽ هنر وارن ماڻهن کي وٺي ويو؛ ملڪ جي تمام غريب ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ باقي ڪونہ رهيو.


ڇالاءِ جو تو مديان جي ڏينهن ۾، هن جي بار جي پاڃاري، ۽ هن جي ڪلهن جي لٺ، ۽ هن تي ظلم ڪندڙ جو لڪڻ ڀڃي ڇڏيو آهي.


ڏکڻ وارا شهر بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪوبہ انهن کي کولڻ وارو ڪونهي: يهوداہ سموري ساري قيد ٿي وئي آهي؛ اُهي سڀ گرفتار ٿي کڄي ويا آهن.


ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي.


اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيتوڻيڪ يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جو پٽ ڪونياہ منهنجي ساڄي هٿ جي منڊي وانگي هجي، تہ بہ آءٌ جيڪر توکي اتان پٽي ڪڍي ڇڏيان؛


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن چڱن انجيرن وانگي آءٌ يهوداہ جي انهن قيدين کي سمجهندس جن کي مون هن هنڌان ڪڍي سندن چڱائي لاءِ ڪسدين جي ملڪ ڏي موڪليو آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


تڏهن حننياہ نبيءَ يرمياہ جي ڳچيءَ تان گز ڀڃي ڇڏيو.


لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي.


هاڻي جيڪو خط يرمياہ نبيءَ يروشلم مان باقي رهيلن قيدي بزرگن ڏي، ۽ ڪاهنن ۽ نبين ۽ انهن سڀني ماڻهن ڏي موڪليو، جن کي نبوڪدنضر قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏي وٺي ويو هو، تنهنجا هي لفظ آهن:


(يعني انهي کان پوءِ تہ يڪونياہ بادشاهہ، ۽ والدہ ملڪہ، ۽ ناظر، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا امير، ۽ واڍا، ۽ لوهار يروشلم مان روانا ٿيا)


۽ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ هن جي پاڃاري تنهنجي ڳچيءَ تان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تنهنجا بند ڦوڙيندس؛ ۽ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري نہ وٺندا.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهين هنن جا غلام نہ ٿيو؛ ۽ مون اوهان جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ اوهان کي سنئون هلايو اٿم.


هاڻي آءٌ هن جي پاڃاري اوهان تان ڀڃي لاهيندس، ۽ بند ڀڃي کولي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ