Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 28:16 - Sindhi Bible

16 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 28:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو ستن ڏينهن کان پوءِ، آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن وسائيندس، ۽ جيڪي بہ ساهوارا مون جوڙيا آهن، تن سڀني کي برباد ڪندس.


۽ اها ڳالهہ يربعام جي گهراڻي لاءِ گناهہ ٿي، جنهنڪري اُهو چٽ ٿي ويو، ۽ زمين جي سطح تان نيست نابود ٿي ويو.


ڇو مصري چون تہ هو کين ڪنهن خرابيءَ جي لاءِ ڪڍي وٺي ويو، تہ اُنهن کي جبلن ۾ ماري وجهي، ۽ کين زمين جي سطح تائين مٽائي ڇڏي؟ تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ، ۽ پنهنجيءَ اُمت تي اها مصيبت آڻڻ جي ارادي کي ڇڏي ڏي.


۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.


اُن موجب حننياہ نبي، انهي ساڳئي ورهيہ جي ستين مهيني ۾ مري ويو.


ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا.


وري ستين ڏينهن ست وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛


ڇالاءِ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي، سو غيرت وارو خدا آهي؛ ۽ ائين نہ ٿئي جو خداوند تنهنجو خدا تو تي ڪاوڙجي، ۽ تو کي زمين جي سطح تان برباد ڪري ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ