يرمياہ 28:14 - Sindhi Bible14 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ مون هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وڌي آهي، انهي لاءِ تہ هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت چاڪري ڪن؛ ۽ هو ضرور ان جي خدمت چاڪري ڪندا: ۽ مون هن کي جهنگ جا جانور بہ ڏنا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible14 آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ آءٌ هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھندس، تہ جيئن هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري ڪن، يقيناً هو ائين ئي ڪندا. آءٌ جھنگ جا جانور بہ هن جي تابع ڪري ڇڏيندس.‘“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هاڻي ڏس، اڄوڪي ڏينهن آءٌ توکي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جي تنهنجن هٿن تي آهن. جيڪڏهن مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ چڱو هجي تہ هل، ۽ آءٌ تنهنجي چڱي سنڀال ڪندس؛ پر جي مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ خراب هجي تہ رهجي پئُہ: ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي؛ جتي توکي وڃڻ چڱو ۽ مناسب نظر اچي اُتي وڃ.