Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 28:11 - Sindhi Bible

11 ۽ حننياہ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهيءَ طرح آءٌ ٻن ڀرين ورهين اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڀڃي ڇڏيندس. پوءِ يرمياہ نبي پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ حننياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’انهيءَ ئي طرح آءٌ ٻن سالن اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي غلاميءَ جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڪڍي ڀڃي ڇڏيندس.‘“ پوءِ آءٌ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 28:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن اُنهيءَ کي چيو تہ جهڙو تون نبي آهين اهڙو آءٌ بہ آهيان؛ ۽ خداوند جي حڪم پٺيان هڪڙي ملائڪ مون کي چيو تہ هن کي پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر وڃ تہ هو ماني کائي ۽ پاڻي پيئي. پر هن اُنهيءَ کي ڪوڙ ڪري ائين چيو.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


۽ صدقياہ بن ڪنعنہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي ڌڪيندين، جيستائين اُهي کپي ناس ٿي نہ وڃن.


بي عقل ماڻهوءَ جي روبرو ويندين تہ هن ۾ علم وارا چپ نہ ڏسندين.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ اهي نبي منهنجي نالي تي ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا: مون انهن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ نہ مون هنن کي ڪو حڪم ڏنو آهي، نڪي مون هنن سان ڳالهايو: هو اوهان کي ڪوڙو خواب ۽ ڪوڙي فال ۽ نڪمي ڳالهہ، يعني پنهنجي دل جي فريب جي نبوت ٿا ٻڌائين.


جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.


ڇالاءِ جو اُهي منهنجي نالي سان ڪوڙي نبوت ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي تہ مون انهن کي نہ موڪليو آهي.


اوهان باطل رويا ڏٺو آهي، ۽ اوهان ڪوڙي فال ٻڌائي آهي، جو اوهين چئو ٿا تہ خداوند ٿو فرمائي، اگرچہ مون فرمايو ئي ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ