10 تڏهن حننياہ نبيءَ يرمياہ جي ڳچيءَ تان گز ڀڃي ڇڏيو.
10 تڏهن نبي سڏائيندڙ حننياہ منهنجي ڳچيءَ مان پاڃاري ڪڍي ڀڃي ڇڏي.
۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن.
پنهنجي لاءِ بند ۽ گز ٺاهہ ۽ اُهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهہ:
لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي.
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس.
هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟
تحفنحيس بہ اُهو ڏينهن پاڻ ڪڍي وٺندو، ۽ انهي وقت اُتي آءٌ مصر جون پاڃاريون ڀڃي ڇڏيندس، ۽ سندس طاقت جو فخر منجهس گم ٿي ويندو: ۽ خود کيس بادل ڍڪي ڇڏيندو: ۽ سندس ڌيئرون قيد ٿي وينديون.
خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي برخلاف اوهان جون ڳالهيون تمام سخت آهن، تہ بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙي ڳالهہ ۾ اسان تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؟