Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 27:7 - Sindhi Bible

7 ۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سموريون قومون هن جي، سندس پٽ جي ۽ سندس پوٽي جي تابعداري ڪنديون، ايستائين جو خود سندس ملڪ جو زوال اچي. پوءِ هن جي قوم ٻين زورآور قومن ۽ وڏن وڏن بادشاهن جي تابعداري ڪندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 27:7
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اُنهي تي کلندو: ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ انهي جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.


۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن.


اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس.


جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر، ۽ جيڪي زمين جون بادشاهتون سندس حڪم هيٺ هيون، ۽ باقي سڀ قومون يروشلم سان ۽ اُن جي سڀني شهرن سان وڙهيون، تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.


بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ڪيئن اچي مصر جي زمين کي شڪست ڏيندو، تنهن بابت جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ نبيءَ وٽ آيو سو هي آهي.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهويا ڪين جي قيد جي ستٽيهين ورهيہ ۾ ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ، پنهنجي بادشاهت جي پهرئين ورهيہ ۾، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي سرفراز ڪيو، ۽ هن کي قيد مان ڪڍيائين؛


آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.


اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛


اُهو، اي بادشاهہ، تون آهين جو وڌي مضبوط ٿيو آهين: ڇالاءِ جو تنهنجي وڏائي وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي، ۽ تنهنجي بادشاهت زمين جي ڪناري تائين وڃي رسي آهي.


اُهي جيڪي توکي کائي ويندا سي اوچتو نہ اُٿندا ڇا؟ ۽ اُهي جاڳندا ۽ توکي ستائيندا، ۽ تون انهن جو شڪار ٿي ويندين.


ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون.


۽ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ڪِري پيو، اُهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ جي قهري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.


۽ انهي وڏي شهر جا ٽي ٽڪرا ٿي پيا، ۽ قومن جا شهر ڪِري پيا: ۽ خدا جي حضور ۾ وڏي شهر بابل جي يادگيري ٿي، تہ کيس پنهنجي سخت غضب جي شراب جو پيالو پياري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ