يرمياہ 27:6 - Sindhi Bible6 ۽ هاڻي هي سڀ ملڪ مون پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿ ۾ ڏنا آهن؛ ۽ جهنگ جا جانور بہ مون هن کي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible6 هاڻ آءٌ ئي آهيان جيڪو توهان جا سڀ ملڪ نبوڪدنضر جي حوالي ٿو ڪريان، بلڪ جھنگ جا سڀ جانور بہ آءٌ هن جي تابع ٿو ڪريان، جنهن کي مون انهيءَ ڪم لاءِ چونڊيو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي تہ خداوند، آسمان جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان. تنهنڪري انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان خداوند سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي موٽي وڃي.
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.