Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 27:5 - Sindhi Bible

5 مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ’مون خداوند هيءَ پوري دنيا پنهنجيءَ قدرت سان خلقي آهي. مون پنهنجي زورآور هٿ سان ان جا ماڻهو، جانور ۽ جيڪي ڪجھہ روءِزمين تي آهي سو سڀ جوڙيو آهي. سو اها زمين آءٌ جنهن کي چاهيندو آهيان تنهن کي ڏيندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 27:5
54 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خدا جهنگلي جانورن کي ۽ سڀني ڍورن کي سندن جنس موجب، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن کي سندن جنس موجب جوڙيو: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.


جيڪو ماڻهوءَ جو رت وهائيندو تنهن جو رت ماڻهوءَ جي هٿان وهايو ويندو، ڇالاءِ جو خدا انسان کي پنهنجيءَ صورت تي جوڙيو آهي.


(ڇالاءِ جو هو تنهنجي وڏي نالي جو، ۽ تنهنجي قدرت واري هٿ، ۽ تنهنجي ڊگهيريل ٻانهن جو ٻڌندا؛) ۽ جڏهن اُهو اچي هن گهر ڏانهن دعا گهري؛


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


تنهن کانسواءِ تو هنن کي بادشاهتون، ۽ قومون ڏنيون، جي تو هنن کي حصن موجب ورهائي ڏنيون: جنهنڪري هنن کي سيحون جو ملڪ، يعني حسبون جي بادشاهہ جو ملڪ، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو ملڪ، ورثي ۾ مليو.


تو قديم زماني ۾ زمين جو بنياد وڌو ۽ آسمان تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن.


ڇالاءِ جو قومن جا سڀ معبود بت آهن: پر خداوند آسمانن کي بنايو.


ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،


خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟


مون زمين جوڙي آهي، ۽ انهيءَ تي انسان پيدا ڪيو اٿم: مون، يعني منهنجي هٿن، آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ انهي جي سموري لشڪر تي حڪم هلايو اٿم.


هائو، منهنجي هٿ زمين جو بنياد وڌو آهي، ۽ منهنجي ساڄي هٿ آسمانن کي پکيڙيو آهي: جڏهن آءٌ هن کي سڏيان ٿو تڏهن اهي گڏ ٿي بيهن ٿا.


تو خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي؛ جنهن آسمان کي پکيڙيو ۽ زمين جو بنياد وڌو؛ ڇالاءِ جو تون سارو ڏينهن انهيءَ ظالم کان، جو برباد ڪرڻ لاءِ تياري ٿو ڪري، ڊڄندو ٿو رهين؟ انهيءَ ظالم جي ڪاوڙ ڪٿي آهي؟


۽ انهن کي سندن ڌڻين ڏي تاڪيد ڏئي چوائي موڪل تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجن ڌڻين کي هيئن چئو، تہ


اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي:


هن زمين پنهنجي قدرت سان جوڙي آهي، هن دنيا پنهنجي حڪمت سان قائم ڪئي آهي، ۽ هن آسمان پنهنجي سمجهہ سان ڇڪي بيهاريا آهن:


۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.


انهيءَ وڏي آواز سان هيئن چيو تہ هي وڻ وڍي ڪيراءِ، انهيءَ جون ٽاريون وڍ، ۽ پن ڇاڻ ۽ ڦر پکيڙي ڇڏ، ڀلي تہ جانور اُنهي جي هيٺان نڪري وڃن، ۽ پکي بہ اُنهي جي ٽارين مان اُڏامي وڃن.


اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو.


اُهو، اي بادشاهہ، تون آهين جو وڌي مضبوط ٿيو آهين: ڇالاءِ جو تنهنجي وڏائي وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي، ۽ تنهنجي بادشاهت زمين جي ڪناري تائين وڃي رسي آهي.


تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:


جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛


۽ هن هڪڙي ئي اصل مان ماڻهن جون سڀ قومون روءِ زمين تي رهڻ لاءِ پيدا ڪيون، ۽ سندن لاءِ ٺهرايل وقت ۽ رهڻ جون حدون مقرر ڪري ڇڏيائين؛


۽ جڏهن تون بني عمون جي ويجهو اچين، تڏهن انهن کي نہ ستائج، نڪي انهن سان جنگ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ توکي بني عمون جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس: ڇوتہ مون اهو بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.


اهي بہ عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا، ۽ قداور هئا؛ پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو؛ ۽ هو انهن کي ڀڄائي، پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا:


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.


۽ خداوند مون کي چيو، تہ موآبين کي نہ ستاءِ، نڪي انهن سان جنگ ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ توکي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس؛ ڇوتہ عار جو شهر مون بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي.


جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون.


يا زمين جي ڪنهن جانور جي صورت، يا هوا جي پکيءَ جي صورت جوڙيو،


جڏهن تو منجهان ٻار، ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا، ۽ اوهين انهي ملڪ ۾ گهڻي عرصي تائين رهندا، ۽ پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪندا، ۽ ڪنهن شيءِ جي اُڪريل شڪل جوڙيندا، ۽ اهڙو ڪم ڪندا جو خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خراب هوندو، جنهنڪري هو ڪاوڙبو؛


ڇالاءِ تہ جڏهن کان خدا زمين تي انسان کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو تو کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت تون زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پڇا ڪر، تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟


اهو تو کي ڏيکاريو ويو، انهي لاءِ تہ تو کي خبر پوي، تہ خدا ئي خدا آهي؛ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.


نيٺ بہ اهي تنهنجي اُمت ۽ تنهنجي ميراث آهن، جن کي تو پنهنجيءَ وڏي قدرت سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ڪڍي آندو آهي.


ڇالاءِ جو انهي ۾ سڀ ڪجهہ پيدا ڪيو ويو، جهڙو آسمان ۾ تهڙو زمين تي، جيڪي ڏسجي ٿو ۽ جيڪي نٿو ڏسجي، تخت توڙي حڪومتون، رياستون، توڙي طاقتون؛ سڀ ڪجهہ انهي جي وسيلي ۽ انهي جي لاءِ پيدا ٿيو آهي.


۽ هاڻي هن زماني جي پڇاڙيءَ ۾ اسان سان فرزند جي معرفت ڪلام ڪيو اٿس، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو، ۽ جنهن جي وسيلي هن جهان بہ پيدا ڪيا؛


اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ