يرمياہ 27:22 - Sindhi Bible22 اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible22 اهو سامان بابل ڏانهن کڄي ويندو ۽ ان ڏينهن تائين اتي رهندو جيستائين آءٌ پاڻ اهو موٽائي آڻڻ جو فيصلو نہ ڪريان. تڏهن آءٌ اهو اتان موٽائي آڻي يروشلم ۾ سندس جاءِ تي رکائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: