Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 27:19 - Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿنڀن بابت، ۽ سمنڊ بابت، ۽ پاون بابت، ۽ هن شهر ۾ جيڪي باقي ٿانوَ رهيل آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19-21 پر منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم شهر ۾ جيڪو باقي بچيل سامان يعني پتل جا ٿنڀا، پتل جو حوض، پتل جون ريڙهيون ۽ ٻيو سامان، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي نہ ويو هو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي سڀني اميرن کي بابل ڏانهن قيد ڪري وٺي ويو هو، تنهن سامان بابت آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 27:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن هڪڙو پلٽيل سمنڊ جوڙيو، جو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين چوڌاري گولائيءَ ۾ ڏهہ هٿ هو، ۽ انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي. ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽيهن هٿن جو هڪڙو پٽو هو.


۽ هن پتل جون ڏهہ گاڏيون جوڙيون؛ هر ڪنهن گاڏيءَ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر چار هٿ، ۽ اوچائي ٽي هٿ هئي.


۽ جيڪي پتل جا ٿنڀ ۽ گاڏيون ۽ پتل جو سمنڊ، جي خداوند جي گهر ۾ هئا سي ڪلدين ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري، انهيءَ جو پتل بابل ڏانهن کڻي ويا.


هڪڙي ٿنڀ جي اوچائي ارڙهن هٿ هئي، ۽ پتل جو هڪڙو ڇٽ انهيءَ جي مٿان هو: ۽ انهيءَ ڇٽ جي اوچائي ٽي هٿ هئي؛ انهيءَ ڇٽ تي چوڌاري جيڪو ڄاريءَ جهڙو ڪم هو ۽ جيڪي ڏاڙهون هئا، سي سڀ پتل جا هئا: انهن جهڙو ڪم ڄاريءَ جي ڪم سميت هن ٻئي ٿنڀ تي هو.


۽ خدا جي گهر جا سڀ باسڻ، وڏا توڙي ننڍا، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خزانا، اهي سڀ هو بابل ڏي کڻي ويو.


دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.


۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ