Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 27:16 - Sindhi Bible

16 مون ڪاهنن ۽ انهي سڄي قوم کي بہ چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا نبي، جي نبوت ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ڏسو، خداوند جي گهر جا ٿانوَ هاڻي سگهو ئي بابل مان موٽائي آندا ويندا، تن جون ڳالهيون نہ ٻڌو: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي ڳالهہ نبوت ڪري ٿا ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ مون يرمياہ وڃي ڪاهنن ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري چون ٿا تہ ’هاڻ سگھو ئي خداوند جي هيڪل جو سامان بابل مان موٽائي آندو ويندو.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 27:16
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اُتان خداوند جي گهر جا سڀ خزانا ۽ بادشاهہ جي گهر جا سڀ خزانا ڪڍائي ٻاهر ڪيا، ۽ جيڪي سونا باسڻ اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي هيڪل ۾ جوڙايا هئا، سي وڍائي پرزا پرزا ڪيا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي.


ڇالاءِ جو هو اوهان کي هڪڙي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين، انهي لاءِ تہ اوهان کي پنهنجي ملڪ مان پري ڪڍي موڪلين؛ ۽ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان ۽ اوهين چٽ ٿي وڃو.


۽ اوهين انهن نبين جون ڳالهيون نہ ٻڌو جي اوهان کي چون ٿا تہ اوهين بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندا: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين.


ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:


۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ