Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 27:14 - Sindhi Bible

14 ۽ اوهين انهن نبين جون ڳالهيون نہ ٻڌو جي اوهان کي چون ٿا تہ اوهين بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندا: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو اوهين انهن نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو، جيڪي اڳڪٿي ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ’اوهين بابل جي بادشاهہ جي تابعداري نہ ڪندا.‘ اهي اوهان کي ڪوڙيون اڳڪٿيون ڪري ٿا ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 27:14
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ اهي نبي منهنجي نالي تي ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا: مون انهن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ نہ مون هنن کي ڪو حڪم ڏنو آهي، نڪي مون هنن سان ڳالهايو: هو اوهان کي ڪوڙو خواب ۽ ڪوڙي فال ۽ نڪمي ڳالهہ، يعني پنهنجي دل جي فريب جي نبوت ٿا ٻڌائين.


مون اُنهن نبين کي نہ موڪليو، تہ بہ هو پئي ڊوڙيا: مون انهن سان ڪلام ڪين ڪيو، تہ بہ انهن نبوت پئي ڪئي.


جي نبي منهنجي نالي سان ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا ۽ چون ٿا تہ مون خواب لڌو آهي مون خواب لڌو آهي، تن جون سڀ ڳالهيون مون ٻڌيون آهن.


تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.


هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟


ڏس، جيڪي زالون يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾ رهجي ويون آهن سي بابل جي بادشاهہ جي اميرن وٽ کڻي ويندا، ۽ اُهي زالون چونديون تہ تنهنجن گهاٽن دوستن توکي ٺڳيو آهي ۽ اُهي توتي غالب پيا آهن: هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپي ويا آهن تڏهن هو پٺ تي ڦري هليا ويا آهن.


تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.


ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن.


ڪتن کان خبردار رهجو، بدڪارن کان خبردار رهجو؛ جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، تن کان خبردار رهجو؛


اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ