Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 27:12 - Sindhi Bible

12 ۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 مون اهي ئي ڳالهيون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بہ چيون تہ ”اي صدقياہ! جيڪڏهن تون ۽ تنهنجي قوم زندہ رهڻ گھرو ٿا تہ پوءِ اوهين پنهنجيون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھو ۽ انهيءَ جي ۽ سندس قوم جي تابعداري ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 27:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪو منهنجي ٻڌندو سو صحيح سلامت رهندو، ۽ خرابيءَ جي ڊپ کان آزاد رهندو.


۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.


جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


۽ ساڳئي سال ۾، يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾، چوٿين ورهيہ جي پنجين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ حننياہ بن عزور نبي، جو جبعون جو هو، تنهن خداوند جي گهر ۾ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي روبرو مون کي چيو، تہ


لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي.


تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ خداوند، لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري ويندين تہ پوءِ تنهنجي جان بچندي، ۽ هي شهر باهہ سان ساڙيو نہ ويندو؛ ۽ تون جيئرو رهندين ۽ تنهنجو گهراڻو بہ:


جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ