Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 27:11 - Sindhi Bible

11 پر جيڪا قوم بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ پنهنجي ڳچي آڻي وجهندي، ۽ انهي جي خدمت ڪندي، تنهن قوم کي ئي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سندن زمين ۾ رهڻ ڏيندس، ۽ اُها هو پوکيندا ۽ انهي ۾ هو رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر جيڪا قوم پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھندي، يعني سندس تابعداري ڪندي، تنهن قوم کي ئي آءٌ سندس سرزمين ۾ رهڻ ڏيندس. اها قوم اتي ئي آباد رهندي ۽ پنهنجيون ٻنيون ٻارا سنڀاليندي رهندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 27:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.


۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.


پنهنجي لاءِ بند ۽ گز ٺاهہ ۽ اُهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهہ:


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ڪسدين ڏي ويندو سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي ۽ اُهو جيئرو رهندو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جن قومن ۾ اسرائيل جو گهراڻو ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي، تن مان جڏهن آءٌ انهن کي گڏ ڪندس، ۽ ٻين قومن جي روبرو هو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندا، تڏهن هو انهي پنهنجي زمين ۾ رهندا، جا مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ