Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 26:8 - Sindhi Bible

8 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر جڏهن مون اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪئي جن جي ٻڌائڻ جو خداوند مون کي حڪم ڪيو هو، تڏهن انهن سڀني اچي مون کي پڪڙي سوگھو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هاڻ تو کي جيئرو نہ ڇڏينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 26:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ سڀني ماڻهن کي خداوند، سندن خدا جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو، جن سان خداوند سندن خدا هنن کي وٽن موڪليو هو، يعني اُهي سڀ ڳالهيون،


تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.


۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو.


هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين.


پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ