تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.
يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان مان گهرائي، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جي حوالي ڪيو، ۽ حڪم ڪيائونس تہ انهي کي گهر وٺي وڃي: انهيءَ طرح هو قوم منجهہ رهڻ لڳو.
۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.