Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 26:23 - Sindhi Bible

23 ۽ اُهي اورياہ کي مصر مان ڪڍي يهويقيم بادشاهہ وٽ آيا: جنهن هن کي ترار سان قتل ڪري ان جو لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ اُڇلائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 26:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ سندس ابن ڏاڏن ڪيا هئا.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


پر تنهنجون اکيون ۽ تنهنجي دل فقط تنهنجي لالچ لاءِ، ۽ بيگناهہ رت وهائڻ لاءِ، ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لاءِ آهن.


هو گڏهہ وانگي دفن ڪيو ويندو ۽ يروشلم جي دروازن مان گهلي اُڇلايو ويندو.


رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.


تنهن ڪري خداوند، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ هن وٽ ڪوبہ ڪونہ هوندو: ۽ هن جو لاش ڏينهن جو گرميءَ ۾ ۽ رات جو پاري ۾ اُڇلايو ويندو.


۽ اُهو شينهن ۾ اچڻ وڃڻ لڳو، ۽ جوان شينهن ٿيو، ۽ شڪار پڪڙڻ سکيو، ۽ ماڻهو ڳڙڪائڻ لڳو.


۽ ماڻهو موڪلي قيدخاني ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين.


۽ جن خداوند يسوع کي توڙي نبين کي ماري وڌو، ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون، اُهي خدا کي نٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن؛


هو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، آزمائش هيٺ آيا، ترار سان قتل ٿيا: هو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ گهُمندا رهيا.


۽ جڏهن هو پنهنجي شاهدي پوري ڪري ڇڏيندا، تڏهن جيڪو حيوان اوڙاهہ مان نڪرندو سو ساڻن وڙهندو، ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ