تڏهن آسا انهيءَ غيب دان تي ڪاوڙيو، ۽ انهيءَ کي قيد ۾ کڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪري هن تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ۽ ساڳئي وقت ۾ آسا ڪن ماڻهن تي ظلم بہ ڪيا.
تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.
پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.