Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 26:20 - Sindhi Bible

20 ۽ هڪڙو ٻيو بہ ماڻهو هو جنهن خداوند جي نالي سان نبوت ڪئي يعني اورياہ بن سمعياہ، جو قريت يعريم جو ويٺل هو، ۽ اُنهي بہ يرمياہ جي سڀني ڳالهين موافق هن شهر ۽ هن ملڪ جي برخلاف نبوت ڪئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20-24 انهن کان علاوہ اخيقام ولد سافن نالي هڪڙي مکيہ ماڻهوءَ جي حمايت ڪرڻ ڪري مون کي قتل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪيو ويو. يهويقيم جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اورياہ ولد سمعياہ نالي هڪڙو نبي پنهنجي شهر قريت‌يعريم کان يروشلم ۾ اچي خداوند جي نالي سان اڳڪٿي ڪرڻ لڳو. هن بہ انهن ساڳين ئي ڳالهين جي اڳڪٿي ٿي ڪئي جيڪي مون يرمياہ هن شهر ۽ ملڪ جي خلاف ڪيون هيون. جڏهن يهويقيم بادشاهہ، سندس لشڪرن جي سمورن سالارن ۽ عملدارن هن جون ڳالهيون ٻڌيون تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر اورياہ نبيءَ کي اهو پتو پئجي ويو سو هو ڊڄي مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو. پوءِ بادشاهہ يهويقيم الناتن ولد عڪبور سان گڏ ڪجھہ ٻيا ماڻهو مصر ڏانهن موڪليا، جيڪي اورياہ کي مصر مان پڪڙي يهويقيم بادشاهہ وٽ وٺي آيا. بادشاهہ هن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سندس لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ ڦٽو ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 26:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي ڌڻيءَ توکي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليو آهي: ۽ جڏهن هنن چيو تہ هو هتي ڪونهي تڏهن هن انهيءَ بادشاهت ۽ قوم کان قسم کڻايو تہ هنن توکي نہ لڌو.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ سندس ابن ڏاڏن ڪيا هئا.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو.


قريٿ بعل، (جو قريٿ يعريم آهي)، ۽ ربہ، ٻہ شهر سندن ڳوٺن سميت.


پوءِ اُها سرحد اُتان نڪتي، ۽ جيڪا ٽڪري بيت حورون جي سامهون ڏکڻ ڏانهن آهي، تنهن جي چوڌاري ڦري ڏکڻ ڏانهن ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي قريٿ بعل وٽ بيٺي (جو قريٿ بعريم آهي)، ۽ بني يهوداہ جو شهر آهي: اها هئي اُلهندي واري سرحد.


پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.


۽ هنن قريت يعريم جي رهاڪن ڏي قاصد موڪلي چيو تہ فلستي خداوند جي صندوق موٽائي کڻي آيا آهن؛ اوهين لهي اچو، ۽ اُها پاڻ وٽ کڻي وڃو.


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن ڏينهن صندوق قريت يعريم ۾ رهي، تنهن کان پوءِ گهڻو عرصو گذريو؛ يعني ويهہ ورهيہ گذريا: پوءِ اسرائيل جو سارو گهراڻو خداوند جي اڳيان گڏ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ