Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 26:2 - Sindhi Bible

2 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 26:2
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.


پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين.


تڏهن يرمياہ توفت مان نڪتو، جتي خداوند هن کي نبوت ڪرڻ لاءِ موڪليو هو؛ ۽ هو خداوند جي گهر جي ايوان ۾ بيهي سڀني ماڻهن کي چوڻ لڳو، تہ


خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟


۽ اُهو يرمياہ نبيءَ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ٻڌايو ۽ چيائين، تہ


تڏهن يرمياہ نبي حننياہ نبيءَ کي، ڪاهنن، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو خداوند جي گهر ۾ بيٺا هئا تن جي روبرو چيو، تہ


تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.


تڏهن يرمياہ نبيءَ هنن کي چيو تہ مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي چوڻ موجب خداوند اوهان جي خدا کان دعا گهرندس؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا ڳالهہ خداوند اوهان کي ورنديءَ ۾ چوندو سا آءٌ اوهان کي صاف ٻڌائيندس؛ آءٌ اوهان کان پٺ تي ڪي بہ ڪين رکندس.


تہ خداوند جي گهر جي در وٽ بيهہ ۽ اُتي هي ڪلام پڌرو ڪر، ۽ چئُہ تہ اي يهوداہ جا رهاڪو، اوهين سڀ جي خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن درن اندر لنگهي اچو ٿا، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو.


۽ تون اهي سڀ ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ: پر هو تنهنجي نہ ٻڌندا: تون هنن کي سڏيندين بہ، پر هو توکي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا.


هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ.


سو اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي جو نگهبان مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري منهنجي واتان ڪلام ٻڌ، ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


۽ انهي ماڻهو مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجين اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ، ۽ جيڪي آءٌ توکي ڏيکاريان تنهن تي دل سان ڌيان ڏي؛ تہ آءٌ توکي اهي ڏيکاريان: ڇالاءِ جو تون هتي انهي لاءِ آندو ويو آهين تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو تون اسرائيل جي گهراڻي کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


۽ هن هر روز هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، پر سردار ڪاهنن، ۽ فقيهن، ۽ اُمت جي بزرگن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري کپائي ڇڏيون؛


يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.


۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


ايتري ۾ هڪڙي ماڻهوءَ اچي کين ٻُڌايو تہ ڏسو، جن ماڻهن کي اوهان قيدخاني ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي تعليم ڏين.


۽ روزبروز هيڪل ۾، ۽ گهرن ۾، تعليم ڏيڻ ۽ انهيءَ جي خوشخبريءَ ٻُڌائڻ کان هٽيا ئي ڪين، تہ يسوع ئي مسيح آهي.


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.


بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا، اوهان جي سڀني قبيلن منجهان چونڊي ڪڍندو، انهي لاءِ تہ اتي پنهنجو نالو قائم ڪري، اتي، يعني هن جي مسڪن وٽ اوهين اچجو:


جيڪو حڪم آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو تنهن ۾ ڪجهہ بہ نہ وڌائجو، نڪي انهي مان ڪجهہ گهٽائجو، انهي لاءِ تہ خداوند اوهان جي خدا جا حڪم جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، سي مڃيندا رهو.


۽ جيڪي موسيٰ فرمايو هو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ اهڙو نہ هو جو يشوع اسرائيل جي سڄيءَ جماعت جي اڳيان، ۽ زالن ۽ ٻارن، ۽ جيڪي مسافر هنن ۾ رهندا هئا، تن جي اڳيان نہ پڙهيائين.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن نبوت جي ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي ڪڍندو، تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، هن جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ