Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 26:19 - Sindhi Bible

19 پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 26:19
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو.


۽ انهيءَ ڪري حزقياہ بادشاهہ ۽ يسعياہ بن آموص نبيءَ دعا گهري، ۽ آسمان ڏي منهن ڪري دانهن ڪيائون.


اوهين وڃي منهنجي لاءِ، ۽ اسرائيل ۽ يهوداہ ۾ باقي جيڪي بچيا آهن تن لاءِ، جيڪو ڪتاب لڌو آهي تنهن جي ڪلام بابت پڇا ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ اسان تي گهڻي نازل ٿي آهي، جو اسان جي ابن ڏاڏن خداوند جي ڪلام جي سنڀال نہ ڪئي آهي، ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن تي عمل نہ ڪيو اٿن.


تڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت تي اُها آفت آڻڻ کان باز آيو جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حزقياہ بادشاهہ اها خبر ٻڌي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو،


شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.


رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.


امڪان آهي تہ هو ٻڌن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ من هنن جي خراب ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن کان ڦران.


تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛


تڏهن خداوند هن جي نسبت ۾ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين نہ ٿيندو.


تو گهڻين ئي قومن کي وڍڻ سان پنهنجي گهراڻي جي لاءِ خواري هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجي روح جي برخلاف گناهہ ڪيو اٿيئي.


هاڻي بيت ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن کي موڪليو هو تہ خداوند کي عرض ڪن،


اهي گنهگار، جيڪي پنهنجيءَ حياتيءَ جا دشمن ٿيا، تن جي واسوڙن کي ڪٽي، قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيو، ڇو جو هنن اهي خداوند جي حضور ۾ نذر ڪيا، تنهنڪري اهي پاڪ آهن؛ ۽ اهي بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي نشاني ٿيندي.


انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي.


پر جي اهو ڪم خدا جو آهي، تہ اوهين انهي کي برباد ڪري ڪين سگهندا؛ متان ائين ٿئي تہ اوهين خدا جو بہ مقابلو ڪريو.


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ