17 تڏهن ملڪ جي بزرگن مان ڪي اُٿي قوم جي سڄي جماعت کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا، تہ
17 تڏهن ملڪ جي مکيہ ماڻهن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ اتي گڏ ٿيل ماڻهن کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا تہ
يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.
خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتيءَ تي نازل ٿيو، جو هن سامريہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.
پر گملي ايل نالي هڪڙو فريسي، جو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت وارو هو، تنهن مجلس ۾ اُٿي حڪم ڏنو تہ هنن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃو.