Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 26:13 - Sindhi Bible

13 تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو هاڻ اوهين پنهنجا طور طريقا ۽ پنهنجا عمل سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ خداوند پنهنجو خيال تبديل ڪندو ۽ اوهان تي اها مصيبت نہ آڻيندو جنهن جي آڻڻ جو هن اظهار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 26:13
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت تي اُها آفت آڻڻ کان باز آيو جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


جي اوهين راضي ۽ فرمانبردار ٿيندا تہ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اُپت کائيندا:


شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو.


هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس:


تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري.


جي اها قوم، جنهن جي نسبت مون ڪي ڳالهايو هوندو، سا پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي، تہ پوءِ اُنهن کي جنهن خرابي پهچائڻ جو خيال ڪيو هوندم سا نہ پهچائيندس.


پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين.


امڪان آهي تہ هو ٻڌن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ من هنن جي خراب ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي، تنهن کان ڦران.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


امڪان آهي تہ يهوداہ جو گهراڻو اُها سڀ خرابي ٻڌي جا آءٌ انهن سان ڪرڻ ٿو گهران؛ تہ من هنن مان سڀ ڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ آءٌ هنن جو قصور ۽ هنن جو گناهہ معاف ڪريان.


پر يرمياہ چيو تہ هو توکي انهن جي حوالي نہ ڪندا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون خداوند جو اهو حڪم مڃ جو آءٌ توکي ٻڌايان ٿو: جو انهي مان تنهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي جان بچندي.


جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.


انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟


ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟


ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.


۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن ٻانهن تي قياس ڪندو؛ جڏهن هو ڏسندو تہ سندن زور هليو ويو آهي، ۽ منجهن نڪو قيدي نڪو آزاد بچيو آهي.


۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛


۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ