Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:7 - Sindhi Bible

7 انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي آهي؛ انهي لاءِ تہ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ڏياري پاڻ کي نقصان پهچايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر خداوند جو فرمان آهي تہ اوهان ڏانهس ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، اٽلندو پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪري سندس ڪاوڙ کي ڀڙڪايو اٿوَ ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان رسايو اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي باهہ مان لنگهايائون، ۽ فالون ۽ جادوگريون ڪم ۾ آندائون، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هو، تنهن جي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيائون تہ هن کي ڪاوڙائين.


ڇالاءِ جو هنن اُهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب آهن، ۽ جنهن ڏينهن هنن جا ابا ڏاڏا مصر مان نڪتا تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هنن مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


انهيءَ هوندي بہ هن انهن ڏي نبي موڪليا تہ کين خداوند ڏانهن موٽائي آڻين؛ ۽ هنن انهن جي گهڻي ملامت ڪئي: پر انهن ڪن ڪونہ ڏنو.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.


تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون،


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن منهنجون اهي ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، جي مون صبح جو سوير اُٿي پنهنجن ٻانهن نبين جي وسيلي موڪليون: پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان ٻڌڻ جي نہ ڪئي.


تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛


جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.


جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ