يرمياہ 25:6 - Sindhi Bible6 اوهين ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ ۽ انهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان نہ وڃو، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي ڪاوڙ نہ ڏياريو؛ ۽ آءٌ اوهان کي ڪو ايذاءُ نہ پهچائيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible6 اوهين غير معبودن يا پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جا پوئلڳ بڻجي انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي انهن کي سجدو ڪري خداوند کي چڙ ڏياريو. تڏهن خداوند اوهان کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائيندو.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.