Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:38 - Sindhi Bible

38 هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 جيئن ڪو شينهن پنهنجي ڏر کي ڇڏي هليو وڃي، تيئن خداوند بہ پنهنجي قوم کي ڇڏي ڏنو آهي. سو حملو ڪندڙن جي ظلم، ۽ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سببان، هنن جو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:38
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.


گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي:


هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.


۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.


تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن.


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو.


ڏس هو يردن جي ٻيلي مان مضبوط شهر تي شينهن وانگي ڪاهي ايندو: پر آءٌ اوچتو ئي اوچتو انهن کي وٽانئس ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊي ڪڍيو ويندو، انهي کي آءٌ سندس مٿان مقرر ڪندس؛ ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟


هو خداوند جي پٺيان هلندا، جو شينهن وانگر گجندو، هائو، هو گجندو ۽ سندس ٻار اُلهندي کان ڏڪندا ايندا.


ڇالاءِ جو آءٌ افرائيم جي لاءِ شينهن ٿيندس، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ جوان شينهن: آءٌ، هائو آءٌ، ڦاڙي هليو ويندس، ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.


انهي لاءِ ملڪ نہ ڏڪندو ڇا؟ ۽ جيڪي بہ اُن ۾ رهندا آهن، سي سڀ ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، هو نديءَ وانگي اُٿندو، ۽ مصر جي نديءَ وانگر شور ڪندو، ۽ هيٺ لهي ايندو.


۽ ڏس، جنهن فرشتي مون سان ٿي ڳالهايو، سو ٻاهر نڪري ويو، ۽ ٻيو هڪڙو فرشتو هن کي گڏجڻ لاءِ نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ