37 ۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن.
خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ زمين خوشي ڪري؛ ۽ ڀلي تہ بيشمار ٻيٽ سرها ٿين.
ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛
ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.
گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي:
هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا.
پنهنجون اکيون مٿي کڻو، ۽ جيڪي اُتر کان اچن ٿا تن کي ڏسو: جيڪو ڌڻ، يعني سهڻو ڌڻ توکي ڏنو ويو هو سو ڪٿي آهي؟
اِجهو ڌنارن جي رڙين، ۽ گلي جي سردارن جي واويلا جو آواز! ڇالاءِ جو خداوند هنن جي چراگاهہ ويران ڪري ٿو ڇڏي.
۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا.
ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.