Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:3 - Sindhi Bible

3 يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻ‌ٻڌو پئي ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:3
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ اوهان کي اها خبر آهي يا نہ تہ رامات جلعاد اسان جو آهي، ۽ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون، ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي هٿن مان نہ ٿا وٺون؟


انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.


انهيءَ هوندي بہ هن انهن ڏي نبي موڪليا تہ کين خداوند ڏانهن موٽائي آڻين؛ ۽ هنن انهن جي گهڻي ملامت ڪئي: پر انهن ڪن ڪونہ ڏنو.


جڏهن يوسياہ بادشاهي ڪرڻ لڳو، تڏهن اٺن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي.


ڇالاءِ جو سندس بادشاهي جي اٺين سال ۾، جڏهن هو اڃا ننڍو هو، تڏهن پنهنجي پيءُ دائود جي خدا جي طلب ۾ رهڻ لڳو: ۽ ٻارهين ورهيہ ۾، يهوداہ ۽ يروشلم مان مٿانهيون جايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتيون، ۽ پلٽيل مورتيون ڪڍڻ لڳو.


هاڻي هن جي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال ۾، جڏهن هو ملڪ ۽ گهر کي پاڪ ڪري چڪو، تڏهن هن سافن بن اصلياہ، ۽ معسياہ شهر جي حاڪم، ۽ يوآخہ بن يوآخز دفتردار کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر جي مرمت ڪرڻ لاءِ موڪليو.


۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجن پيغمبرن جي معرفت بروقت پيغام موڪليا؛ ڇالاءِ جو هن کي پنهنجي قوم تي، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تي رحم آيو:


شل منهنجي اُمت منهنجو آواز ٻڌي، ۽ اسرائيل منهنجن واٽن تي هلي!


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي.


جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، صبح جو سوير اُٿي ڏاڍيءَ تاڪيد سان نصيحت ڪري پئي چيو اٿم تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.


تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.


۽ خداوند اوهان ڏي صبح جو سوير اٿي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن؛ پر اوهان نہ ٻڌو آهي نہ ٻڌڻ لاءِ اوهان پنهنجو ڪن ڏنو؛


۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن منهنجون اهي ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، جي مون صبح جو سوير اُٿي پنهنجن ٻانهن نبين جي وسيلي موڪليون: پر خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان ٻڌڻ جي نہ ڪئي.


۽ هنن منهن ڦيرائي مون ڏي پٺ ڪئي آهي: ۽ جيتوڻيڪ صبح جو سوير اُٿي مون هنن کي تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڌيان ڪونہ ڏنو آهي.


يوناداب بن ريڪاب جن ڳالهين جو حڪم پنهنجن پٽن کي ڏنو تہ شراب نہ پيئجو تن تي هو تعميل ڪندا اچن، ۽ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نٿا پيئن، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ جي حڪم جا تابع آهن: پر مون صبح جو سوير اُٿي اوهان سان ڳالهايو آهي؛ ۽ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي آهي.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ خداوند وٽان هيءُ ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


جنهن ڏينهن کان اوهان جا ابا ڏاڏا مصر جي زمين مان نڪري آيا تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، مون پنهنجا سڀ ٻانها ۽ نبي، ڏهاڙي سويل صبح جو اُٿي اوهان ڏي پئي موڪليا آهن:


تہ تڏهن جي ڪو قرناءِ جي آواز ٻڌي ۽ خبردار نہ ٿئي، ۽ ترار اچي هن کي کڻي وڃي، تہ انهي جو خون سندس مٿي تي آهي.


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.


۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.


۽ صبح جو سوير وري هيڪل ۾ آيو، ۽ سڀ ماڻهو اچي وٽس مڙيا، ۽ هو ويهي کين تعليم ڏيڻ لڳو.


جيڪو خدا وٽان آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ٻُڌي، اوهين انهي ڪري اُهي نٿا ٻُڌو، ڇالاءِ تہ اوهين خدا وٽان نہ آهيو.


تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ