Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:26 - Sindhi Bible

26 ۽ اُتر جي سڀني بادشاهن کي، جي ويجهو ۽ پري آهن يا هڪٻئي سان گڏ آهن؛ ۽ زمين جي سطح تي دنيا جون جيڪي بادشاهتون آهن تن کي: ۽ انهن کان پوءِ شيشڪ جو بادشاهہ پيئندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اترادي اوريان ۽ پريان سڀ بادشاهہ. مطلب تہ روءِزمين جي سڀني بادشاهتن کي هڪٻئي پٺيان خدا جي غضب جو اهو پيالو پيئاريم. انهن سڀني کان آخر ۾ بابل جي بادشاهہ کي بہ اهو پيالو پيئڻو پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:26
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.


۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


شيشڪ ڪيئن نہ وٺجي ويو آهي! ۽ ساري زمين جي تعريف ڪيئن نہ اوچتي پڪڙجي ويئي آهي! قومن منجهہ بابل ڪيئن نہ ويران ٿي ويو آهي!


اسين شرمندا ٿيا آهيون. ڇالاءِ جو اسان طعنو ٻڌو آهي؛ لڄ اسان جا منهن ڍڪي ڇڏيا آهن: ڇالاءِ جو ڌاريا ماڻهو خداوند جي گهر جي پاڪ جاين ۾ گهڙي ويا آهن.


اتي سڀئي اُتر جا امير ۽ سڀيئي صيدوني آهن، جي ڪُٺلن سان گڏ هيٺ ويا آهن؛ جيڪو خوف هنن پنهنجي زور سان وڌو، تنهن جي ڪري هو شرمندا ٿيا آهن؛ ۽ هو اڻ طهريلن انهن سان گڏ پيا آهن، جي ترار سان ڪُٺل آهن ۽ پنهنجي خواري انهن سان گڏ ٿا کڻن، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.


تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ