تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.
هن جي قبر جي چوڌاري عيلام ۽ سندس ڪل جماعت يعني اُهي سڀ قتل ٿيل ۽ ترار سان ماريل، جي اڻ طهريل ئي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ هليا ويا آهن، ۽ جن سڀني ماڻهن تي پنهنجو خوف وڌو: ۽ انهن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.