Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:22 - Sindhi Bible

22 ۽ صور جي سڀني بادشاهن کي، ۽ صيدا جي سڀني بادشاهن کي، ۽ سمنڊ جي هن ڀر جيڪو ٻيٽ آهي تنهن جي سڀني بادشاهن کي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 صور ۽ صيدا جا سڀ بادشاهہ، ڀونوچ سمنڊ جي پرينءَ ڀر جا سڀ بادشاهہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪنهن بادشاهہ جي ڏينهن جهڙن ستر سالن تائين صور وساريو ويندو: ستر سالن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ صور جو اهڙو حال ٿيندو جهڙو ڪڃريءَ جي راڳ جو آهي.


اي صيدا، تون شرمندو ٿيءُ: ڇالاءِ جو سمنڊ، يعني سمنڊ جي مضبوط قلعي، ڳالهايو آهي، ۽ چيو اٿس تہ نہ مون کي سور ٿيا نہ مون ڪي ڄڻيو، ۽ نہ مون جوان مڙس نپايا، ۽ نہ مون ڪنواريون ڇوڪريون پالي وڏيون ڪيون.


۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛


اي قومون، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو، ۽ پرانهين ٻيٽن ۾ اهو ٻڌايو؛ ۽ چئو تہ جنهن اسرائيل کي ڇڙوڇڙ ڪيو، سو ئي هن کي گڏ ڪندو ۽ سنڀاليندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ کي سنڀاليندو آهي.


جو اُهو ڏينهن فلستين کي لٽڻ لاءِ، ۽ صور ۽ صيدون جي باقي رهندڙن سڀ ڪنهن مددگار کي وڍي ڇڏڻ لاءِ، اچي ٿو. ڇالاءِ جو خداوند فلستين کي، يعني ڪفتور جي ٻيٽ جي باقي رهيلن ماڻهن کي، لٽي ڇڏيندو.


تنهنجي دولت، تنهنجون شيون، تنهنجو سوداگري مال، تنهنجا خلاصي ۽ تنهنجا ناخدا، تنهنجا مرمت ڪندڙ ۽ تنهنجي مال جا سوداگر، ۽ تنهنجا سڀ جنگي ماڻهو جي تو ۾ آهن، ۽ تنهنجي سڄي جماعت جا تو ۾ آهي، اُهي سڀ تنهنجي تباهيءَ جي ڏينهن سمنڊن جي وچ ۾ ڪِري پوندا.


خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ


۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


اي آدمزاد، پنهنجو رخ صيون ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،


اي آدمزاد، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر پنهنجي لشڪر کان صور جي برخلاف هڪڙي وڏي خدمت ڪرائي آهي، يعني سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪيائين ۽ سڀ ڪنهن ڪلهي جي کل لهرايائين: انهي هوندي بہ نہ هن کي ۽ نہ هن جي لشڪر کي صور کان سندن برخلاف ڪيل خدمت جو اُجورو مليو:


اتي سڀئي اُتر جا امير ۽ سڀيئي صيدوني آهن، جي ڪُٺلن سان گڏ هيٺ ويا آهن؛ جيڪو خوف هنن پنهنجي زور سان وڌو، تنهن جي ڪري هو شرمندا ٿيا آهن؛ ۽ هو اڻ طهريلن انهن سان گڏ پيا آهن، جي ترار سان ڪُٺل آهن ۽ پنهنجي خواري انهن سان گڏ ٿا کڻن، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.


۽ آءٌ ماجوج تي، ۽ جيڪي ماڻهو ٻيٽن ۾ سلامتيءَ سان رهن ٿا تن تي، باهہ نازل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ