۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛
۽ انهي کي چيائون تہ توکي خبر آهي يا نہ، تہ بني عمون جي بادشاهہ بعليس، اسماعيل بن نتنياہ کي تنهنجي جان وٺڻ لاءِ موڪليو آهي؟ پر جدلياہ بن اخيقام کي انهن جي ڳالهہ تي اعتبار ڪونہ آيو.
اُتي ادوم، اُن جا بادشاهہ، ۽ سڀ امير آهن، جي پنهنجي طاقت هوندي انهن سان گڏ پيا آهن جي ترار سان ڪُٺل آهن: هو اڻ طهريلن سان رهندا ۽ انهن سان جي هيٺ کڏ ۾ وڃن ٿا.
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:
۽ يعقوب جو گهراڻو هڪڙي باهہ ٿيندو ۽ يوسف جو گهراڻو شعلي وانگر ٿيندو، ۽ عيسو جو گهراڻو بهہ ٿيندو، ۽ اُهي هنن جي وچ ۾ ٻرندا ۽ هنن کي ساڙي ڇڏيندا: ۽ عيسو جي گهراڻي مان هڪڙو بہ نہ بچندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.