Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:16 - Sindhi Bible

16 ۽ هو پيئندا، ۽ هيڏي هوڏي آٿڙندا ۽ مست ٿيندا، انهيءَ ترار جي سبب جا آءٌ انهن ۾ موڪليندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن اهي مست ٿي پوندا ۽ ٿيڙ کائڻ لڳندا، انهيءَ جنگ جي سبب جيڪا آءٌ منجھن موڪليندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:16
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري تون هنن کي هيءُ ڪلام چئُہ، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ سڀڪا سانداري شراب سان ڀربي، ۽ هو توکي چوندا تہ اسان کي خبر ناهي ڇا تہ سڀ ڪا سانداري شراب سان ڀربي؟


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن مان هڪڙن کي ٻين تي اُڇلي هڻندس، يعني پيئن ۽ پٽن کي گڏ: آءٌ ڪو بہ قياس ڪونہ ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس نڪي رحم ڪندس، تہ ناس نہ ڪريان.


۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.


۽ تون پنهنجي لاءِ وڏيون شيون ٿو ڳولين ڇا؟ اُهي نہ ڳول: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڄي خلق تي خرابي آڻيندس: پر جن جن هنڌن تي تون ويندين اُتي آءٌ تنهنجي حياتي توکي غنيمت ڪري ڏيندس.


اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.


خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن.


بابل خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو ٿي رهيو آهي، جنهن سڄي زمين کي مست ڪري ڇڏيو آهي: قومن ان جي شراب مان پئي پيتو آهي؛ تنهن ڪري قومون ديوانيون آهن.


هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.


اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ.


ڇالاءِ جو جيئن اوهان منهنجي پاڪ جبل تي پيتو آهي، تيئن سڀ قومون هميشہ پيون پيئنديون؛ هائو، هو پيئنديون ۽ ڳهي وينديون، ۽ اهڙيون ٿينديون ڄڻ تہ هيون ئي ڪين.


تون بہ نشي ۾ مست ٿيندينءَ ۽ لڪندينءَ؛ تون بہ دشمن جي ڊپ کان پناهہ ڳوليندينءَ.


تہ اُهو خدا جي غضب جي انهي شراب مان پيئندو، جو سندس غضب جي پيالي ۾ خاص طرح تيار ڪري رکيو ويو آهي. اُنهي کي پاڪ ملائڪن جي اڳيان، ۽ گهيٽي جي اڳيان، باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


۽ هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ڪِري پيو، اُهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ جي قهري شراب مان سڀني قومن کي پياريو هو.


ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ