Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:13 - Sindhi Bible

13 ۽ آءٌ انهي زمين تي اُهي سڀ ڳالهيون آڻيندس جي انهن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪيون آهن، يعني اُهي سڀ جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، جي يرمياہ سڀني قومن جي برخلاف نبوت ڪري ٻڌايون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ انهيءَ ملڪ تي اهي سڀ برباديون آڻيندس جيڪي انهيءَ جي خلاف آءٌ اڳي ئي چئي چڪو آهيان، يعني اهي سڀ جيڪي يرمياہ نبيءَ سڀني قومن جي خلاف پيشن‌گوئيون ڪري ٻڌايون هيون ۽ جيڪي سندس ڪتاب ۾ لکيل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.


پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي هڪڙي ڪتاب ۾ لک،


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


۽ يهوداهہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ تون چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي ويڙهي ساڙي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ تو ڇو هن ۾ لکيو آهي تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هي ملڪ ناس ڪندو، ۽ اتان ماڻهن توڙي جانورن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندو؟


تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون.


فرسين؛ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي، ۽ ميدين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.


۽ داراميديءَ کي بادشاهي ملي، جو اٽڪل ٻاهٺ ورهين جي عمر جو هو.


۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ