Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:12 - Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ’پوءِ جڏهن اهي ستر سال پورا ٿيندا تڏهن آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي قوم کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس ۽ آءٌ سندن ملڪ کي هميشہ لاءِ ويران ڪري ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:12
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڏينهن ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ يهويقيم ٽي ورهيہ هن جو ٻانهو ٿيو: تنهن کانپوءِ هن ڦري هن جي برخلاف فساد ڪيو.


هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهي لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي ساري بادشاهت ۾ منادي ڪرائي ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين، ۽ چيائين تہ


اي بابل جي ڌيءَ جا برباد ٿيڻ واري آهين؛ مبارڪ اُهو ٿيندو جو جهڙي هلت تو اسان سان ڪئي آهي تهڙي توسان ڪندو.


۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو.


آءٌ انهيءَ کي سيڙهہ جو ورثو، ۽ پاڻيءَ جون ڍنڍون بہ ڪندس ۽ آءٌ انهي کي موت جي ٻهاريءَ سان ٻهاريندس؛ لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي ويران ٿي ويا آهن، ۽ گاهہ سڪي ويو آهي، ۽ تازو گاهہ ڪومائجي ويو آهي، ۽ ڪابہ سائي شيءِ ڪانهي.


جنهن سال ۾ اسور جي بادشاهہ سرجون ترتان کي اشدود ۾ موڪليو هو ۽ هو اشدود سان وڙهيو ۽ اهو ورتائين؛


افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا.


بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن.


تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.


ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.


اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس.


۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جڏهن بابل جي لاءِ ستر ورهيہ گذري ويندا تڏهن آءٌ اچي اوهان جي سار لهندس، ۽ جيڪو چڱو انجام اوهان سان ڪيو اٿم سو پورو ڪندس، ۽ اوهان کي موٽائي هن هنڌ آڻيندس.


آءٌ توکي هميشہ لاءِ ويران ڪندس ۽ تنهنجا شهر وري نہ وسندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


انهي جي بادشاهت جي پهرين سال ۾ مون داني ايل، ڪتابن مان انهن سالن جو شمار معلوم ڪيو، جن بابت خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ وٽ آيو، تہ يروشلم جي ويراني پوري ٿيندي؛ ۽ اُهي ستر سال هئا.


هاڻي هو پنهنجي ڄار خالي ڪندو ڇا ۽ قومن کي هميشہ قتل ڪرڻ کان بس نہ ڪندو ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ