Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 25:1 - Sindhi Bible

1 اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين سال ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو؛ اُهو ئي ساڳيو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو پهريون سال هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي چوٿين سال سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي باري ۾ مون يرمياہ نبيءَ تي خدا جو فرمان نازل ٿيو. بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو اهو پهريون سال هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 25:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مصر جي بادشاهہ هن جي ڀاءُ الياقيم کي يهوداہ ۽ يروشلم تي بادشاهہ ڪيو ۽ هن جو نالو مٽائي يهويقيم رکيائين، ۽ نڪوہ ان جي ڀاءُ يهوآخز کي وٺي مصر ڏي کڻي ويو.


انهيءَ تي وري بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر چڙهي آيو، ۽ بابل ۾ وٺي وڃڻ لاءِ هن کي زنجيرن سان ٻڌائين.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي يارهين ورهيہ جي پڇاڙيءَ تائين بہ ڪلام نازل ٿيندو رهيو؛ يعني انهي سال جي پنجين مهيني تائين جنهن ۾ يروشلم قيد ٿي کڄي ويو.


اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي ڏهين ورهيہ، جو نبوڪدرضر جو ارڙهون ورهيہ هو، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو.


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي آهي، تہ


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ خداوند وٽان هيءُ ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


اهو ڪلام جو يرمياہ نبيءَ، باروڪ بن نيرياہ کي تڏهن ٻڌايو جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هن هي ڳالهيون يرمياہ جي واتان هڪڙي ڪتاب ۾ لکيون، جنهن ۾ چيائين تہ


مصر بابت: فرعون نڪوہ، مصر جي بادشاهہ جي لشڪر جي نسبت ۾، جو ڪرڪميس ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن کي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني.


اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو،


يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين.


۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.


۽ نبوڪدنضر جي بادشاهت جي ٻئي سال ۾ نبوڪدنضر ڪي خواب لڌا؛ جنهنڪري هن جو روح بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ سندس ننڊ ويندي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ