Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 24:10 - Sindhi Bible

10 ۽ آءٌ انهن ۾ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض موڪليندس، جيسين ڪہ جيڪا زمين مون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن مان هو کپي چٽ ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 24:10
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل کي ائين ماريندو جيئن پاڻيءَ ۾ ڪانو لڏندو آهي؛ ۽ اسرائيل کي، هيءَ چڱي زمين جا هن سندس ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن مان پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيندو، ۽ اُنهن کي فرات نديءَ جي هن ڀر پکيڙي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ يسيرت بنايا آهن، ۽ خداوند کي ڪاوڙايو اٿن.


اهي ٻئي شيون توتي اچي پيون آهن، ڪير تنهنجي حال تي افسوس ڪندو؟ سڃ ۽ بربادي، ڏڪار ۽ ترار، ڪيئن آءٌ توکي دلاسو ڏيان؟


جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو مون کي چوندا تہ اسين ڪيڏي هليا وڃون؟ تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي موت ڏي وڃن؛ ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن سي ترار ڏي؛ ۽ جيڪي ڏڪار جي لاءِ آهن سي ڏڪار ڏي؛ ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڏي وڃن.


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس.


جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ هنن تي ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض موڪليندس، ۽ انهن کي گندن انجيرن جهڙو ڪندس، جي اهڙا خراب آهن جي کائي نٿا سگهن.


۽ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان هنن جي پٺيان پوندس، ۽ زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هنن کي هيڏي هوڏي ڌڪا کائڻ لاءِ ڏئي ڇڏيندس، انهي لاءِ تہ جن قومن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو آهي تن سڀني ۾ هو لعنت، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ ملامت ٿين:


ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.


۽ اي خداوند خدا، تو مون کي چيو آهي تہ پئسا ڏيئي هي ٻني خريد ڪر ۽ شاهد سڏ؛ جڏهن شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي!


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو.


تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.


هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين:


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.


آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.


تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي هٿ سان ڌڪ هڻ، ۽ پنهنجو پير زمين تي هڻ، ۽ چئُہ تہ افسوس آهي بني اسرائيل جي سڀني خراب ڪراهت جهڙن ڪمن تي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان ڪِرندا.


ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو.


۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ جيسين خداوند توکي فنا نہ ڪندو، تيسين هو تو تي وبا موڪليندو رهندو.


۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ