Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:8 - Sindhi Bible

8 پر چوندا تہ انهيءَ خداوند جو قسم، جنهن اسرائيل جي گهراڻي جي نسل کي اُتر واري ملڪ مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو هو، اُتان هنن کي ڪڍي وٺي آيو؛ پوءِ هو خود پنهنجي ملڪ ۾ رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بلڪ اوهين هيئن قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ پوءِ اهي پنهنجي ئي ملڪ ۾ رهندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:8
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري اڳتي چوڻ ۾ نہ ايندو تہ انهي جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو؛


پر هيئن چوڻ ۾ ايندو تہ انهيءَ جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي اُتر واري زمين مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ هن انهن کي هڪالي موڪليو هو انهن مان، کين ڪڍي آندو: ۽ آءٌ انهن کي وري بہ سندن انهي ملڪ ۾ آڻيندس جو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.


۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کان لڀندس ۽ اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان کي انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن مان آڻي گڏ ڪندس، جن ڏي مون اوهان کي هڪالي ڪڍيو آهي؛ ۽ جنهن هنڌان اوهان کي مون قيد ڪرائي ڪڍيو آهي انهيءَ هنڌ اوهان کي موٽائي آڻيندس.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊپ نہ ڪر؛ نڪي اي اسرائيل تون پريشان ٿي: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي پري کان بچائيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي هنن جي قيد جي ملڪ کان؛ ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ امن ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ هن کي نہ ڊيڄاريندو.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل ۽ يهوداہ جو قيد وري ڦيرائي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي موٽائي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جو مون هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


ڏس، آءٌ هنن کي اُتر واري ملڪ مان آڻيندس ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هنن کي گڏ ڪندس، ۽ انهن سان گڏ انڌا ۽ منڊا هوندا، ۽ پيٽ واري زال ۽ ويم جي سورن واري زال هوندي: هو وڏي جماعت ٿي هيڏي موٽي ايندا.


ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جن قومن ۾ اسرائيل جو گهراڻو ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي، تن مان جڏهن آءٌ انهن کي گڏ ڪندس، ۽ ٻين قومن جي روبرو هو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪندا، تڏهن هو انهي پنهنجي زمين ۾ رهندا، جا مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني هئي.


۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس.


ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍندس، ۽ سڀني ملڪن مان گڏ ڪندس، ۽ اوهان کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻيندس.


۽ هو چوندا تہ هيءَ زمين جا ويران هئي سا عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي؛ ۽ ويران ۽ سُڃا ۽ ناس ٿيل شهر ڪوٽن وارا ۽ آباد ٿي ويا آهن.


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جو مون هنن کي قومن ۾ قيد ڪري موڪليو، ۽ وري هنن کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻي گڏ ڪيو؛ آءٌ انهن مان اڳتي وري ڪنهن کي بہ اُتي نہ ڇڏيندس؛


ڏسو، جنهن هنڌ اوهان هنن کي وڪڻي ڇڏيو آهي، انهيءَ هنڌان آءٌ هنن کي اُٿاريندس، ۽ اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.


جيئن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ جي وقت ائين وري آءٌ هن کي عجيب غريب شيون ڏيکاريندس.


انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي اندر وٺي ايندس، ۽ انهي وقت آءٌ اوهان کي گڏ ڪندس: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ اوهانجين اکين اڳيان اوهان جا قيدي موٽائي آڻيندس، تڏهن آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني قومن ۾ تعريف وارو ۽ ناميارو ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ