Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:32 - Sindhi Bible

32 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:32
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندڙ آهيون، اوهين سڀيئي نڪما طبيب آهيو.


باقي منهنجي قوم تي ٻار ظلم ڪندا، ۽ زالون انهن تي حڪم هلائينديون. اي منهنجي قوم، جيڪي تنهنجا سردار آهن، سي توکي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجن واٽن جو رستو گم ڪري ٿا ڇڏين.


تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي.


۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي اوهان وٽ نبوت ڪن ٿا تن جي ڳالهين ڏي ڪن نہ ڏيو؛ اُهي اوهان کي باطل ڳالهيون سيکارين ٿا؛ هو پنهنجي دل جا خيال خواب ٻڌائين ٿا، نہ جيڪي خداوند جي وات مان آهي.


جي نبي منهنجي نالي سان ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا ۽ چون ٿا تہ مون خواب لڌو آهي مون خواب لڌو آهي، تن جون سڀ ڳالهيون مون ٻڌيون آهن.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جي پنهنجون زبانون هلائين ٿا ۽ چون ٿا تہ اهو ڪلام آهي.


تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي،


ڏسو اوهين انهن ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو ٿا رکو، جن مان ڪوبہ فائدو رسي نٿو سگهي.


تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.


اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟


هن جا نبي هلڪا ۽ دغاباز شخص آهن؛ ان جي ڪاهنن پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي، ۽ شريعت جي برخلاف هلت ڪئي اٿن.


ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


تنهنڪري جڏهن مون اهو ارادو ڪيو، تڏهن مون ڪا ڳالهہ هيٺ مٿي ڪئي ڇا؟ يا جن ڳالهين جو ارادو ڪريان ٿو، سو جسماني طرح ٿو ڪريان ڇا، انهي لاءِ تہ هائو هائو بہ ڪريان، ۽ نہ نہ بہ ڪريان؟


پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.


۽ اهو حيوان پڪڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ اهو ڪوڙو نبي، جنهن سندس اڳيان اهڙا تہ نشان ڏيکاريا هئا، جن سان هن انهن کي گمراهہ ڪيو هو جن تي انهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جن هن جي بُت جي پرستش ڪئي هئي، اهي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اُڇلايا ويا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ