Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:31 - Sindhi Bible

31 خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جي پنهنجون زبانون هلائين ٿا ۽ چون ٿا تہ اهو ڪلام آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجي طرفان ڳالهيون گھڙي پوءِ چون ٿا تہ اهي خداوند جي طرفان آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:31
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صدقياہ بن ڪنعانہ پنهنجي لاءِ لوهہ جا سڱ جوڙيا، ۽ چوڻ لڳا تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هنن سان تون ارامين کي هٽائي ڪڍندين، جيسين ڪ اُهي چٽ ٿي وڃن.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ چار سؤ نبي گڏ ڪيا، ۽ انهن کي چيائين تہ اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن وڃون، يا آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان؟ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خدا انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جنهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ وٽان منهنجون ڳالهيون چورائي ٿو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.


تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.


اُن موجب حننياہ نبي، انهي ساڳئي ورهيہ جي ستين مهيني ۾ مري ويو.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ