Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:30 - Sindhi Bible

30 تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جنهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ وٽان منهنجون ڳالهيون چورائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو ڏس، آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي خلاف آهيان، جيڪي هڪٻئي وٽان هٿ ڪيل ڳالهيون منهنجيون ڪري ٻڌائين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:30
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جو منهن بدڪارن جي برخلاف آهي، تہ انهن جي يادگيري زمين تان مٽائي ڇڏي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اي واديءَ جا رهاڪو، ۽ ميدان جي ٽڪر جا رهاڪو، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ جو اوهين چئو ٿا تہ ڪير اسان تي ڪاهي ايندو؟ يا ڪير اسان جن گهرن ۾ گهڙندو؟


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جي پنهنجون زبانون هلائين ٿا ۽ چون ٿا تہ اهو ڪلام آهي.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ بڇڙائيءَ جي لاءِ پنهنجو منهن اوهان جي برخلاف ڪندس، انهي لاءِ تہ يهوداہ کي وڍي ڇڏيان.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان جي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ آءٌ اوهان کي هن ئي هنڌ سزا ڏيندس، تہ اوهين ڄاڻو تہ منهنجون ڳالهيون اوهان کي خرابي پهچائڻ لاءِ ضرور قائم رهنديون:


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي تعويذن جي برخلاف آهيان، جن سان اوهين روحن سان راند ڪرڻ لاءِ انهن جو شڪار ٿيون ڪريو، ۽ اُهي آءٌ اوهانجين ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس، ۽ روحن کي ڇڏي ڏيندس، انهن روحن کي جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو تہ انهن سان راند ڪريو.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان باطل ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙا رويا ڏٺا اٿوَ، تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف آهيان.


آءٌ پنهنجو منهن اُنهن جي برخلاف ڪندس؛ هو باهہ ڏانهن ويندا، ۽ باهہ هنن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندين؛ ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو منهن انهن جي برخلاف ڪندس.


آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.


۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


پر جيڪو نبي گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون هن کي حڪم نہ ڏنو هوندو، يا جيڪو ٻين معبودن جي نالي ڪي چوندو، تہ اهو نبي ضرور ماريو ويندو.


پر خداوند انهي کي معاف نہ ڪندو، ۽ خداوند پنهنجيءَ غيرت جي ڪري انهي ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ سڀ لعنتون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهي ماڻهوءَ تي پونديون، ۽ خداوند انهي جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ