Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:29 - Sindhi Bible

29 خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو ڪلام باهہ جي مثل ناهي ڇا؟ ۽ انهي مترڪي جي مثل جو ٽڪر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 منهنجو فرمان باهہ وانگر آهي، هائو، ان هٿوڙي وانگر آهي جيڪو پٿر کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:29
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو.


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟


جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن.


۽ هنن کي باهہ جهڙيون ڄڀون ڌار ڌار ٿينديون ڏسڻ ۾ آيون؛ ۽ انهن مان هرهڪ تي هڪڙي ڄڀ اچي ويٺي.


هاڻي جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن اها سندن دلين ۾ چُڀي ويئي، ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چوڻ لڳا تہ اي ڀائرو، هاڻ اسين ڇا ڪريون؟


هڪڙن جي واسطي مرڻ لاءِ موت جي بوءِ، ۽ ٻين جي واسطي جيئڻ لاءِ زندگيءَ جي خوشبوءِ. ۽ انهن ڳالهين جي لاءِ ڪير لائق آهي؟


ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کين نقصان رسائڻ جي ٿو ڪري، تہ سندن وات مان باهہ ٿي نڪري، ۽ سندن دشمنن کي ساڙيو ڇڏي: ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ هو ضرور انهيءَ طرح مارجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ