يرمياہ 23:22 - Sindhi Bible22 پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible22 جيڪڏهن هو منهنجي بارگاهہ ۾ اچي منهنجي ڳالهين کي ڄاڻين ها، تہ جيڪر منهنجو ئي پيغام منهنجي قوم کي پهچائين ها، ۽ انهن کان خراب رستو ۽ سندن برا ڪم ڇڏرائي ڇڏين ها.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.