Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 23:20 - Sindhi Bible

20 خداوند جي ڪاوڙ تيسين نہ موٽندي جيسين انهي جي پورائي نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جو ارادو پورو نہ ڪندو: پوئين ڏينهن ۾ اوهين اُهو پوريءَ طرح سمجهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 23:20
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.


اُنهيءَ هوندي بہ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي وڃن، اتي جيڪڏهن هو پشيمان ٿين، ۽ باز اچن، ۽ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي ويا هجن انهيءَ ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگا ڪم ڪيا آهن، ۽ شرارت جي هلت ڪئي آهي؛


انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي وڏيءَ ڪاوڙ جي جوش کان نہ مڙيو، جنهن سان سندس ڪاوڙ يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇالاءِ جو منسي پنهنجن گهڻن چڙ ڏيارڻ جهڙن ڪمن سان هن کي ڪاوڙايو هو.


۽ خداوند چيو تہ جيئن مون اسرائيل کي پنهنجي اڳيان ٽاري ڇڏيو آهي، تيئن يهوداہ کي بہ ٽاري ڇڏيندس، ۽ هي شهر جو مون پسند ڪيو آهي، يعني يروشلم، ۽ جنهن گهر بابت مون چيو هو تہ منهنجو نالو انهيءَ تي قائم رهندو، سو رد ڪري ڇڏيندس.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي:


تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


خداوند جو خوفناڪ غضب تيسين نہ موٽندو جيسين هو اهو ڪم نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جا ارادا پورا نہ ڪندو: پوين ڏينهن ۾ اوهين اهو سمجهندا.


زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.


بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي.


اُها انهي لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ ڪوس ڪري؛ ۽ اُها انهي لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر ٿئي: تڏهن اسين خوشيون ڪريون ڇا؟ منهنجي پٽ جي لٺ سڀ ڪنهن وڻ کي حقير ٿي ڄاڻي.


۽ سڀ انسان ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ترار کپ مان ڪڍي آهي؛ اُها وري نہ موٽندي.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


جڏهن تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين، ۽ هي سڀ حادثا تو تي اچي پوندا، تڏهن تون پوين ڏينهن ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ هن جو چوڻ مڃيندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ